سکر:غريبن جي حقن جي جنگ وڙھندڙ سياسي سماجي شخصيت اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئر پرسن ميڊم شائسته بلوچ پاڪستان ميڊيا ڪونسل ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

سکر(بيورورپورٽ) غريبن جي حقن جي جنگ وڙھندڙ سياسي سماجي شخصيت اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئر پرسن ميڊم شائسته بلوچ پاڪستان ميڊيا ڪونسل ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو ان موقعي تي پاڪستان ميڊيا ڪونسل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد رياض کوکر، ڪوآرڊينيٽر ھادي بخش جلباڻي،ميڊم شائستا بلوچ کي پاڪستان ميڊيا ڪونسل م شموليت تي مبارڪ باد پيش ڪئي پاڪستان ميڊيا ڪونسل جي مرڪزي صدر مهر حميد انور جن جي خاص ھدايتن تي ميڊم شائسته بلوچ کي سنڌ جو نائب صدر منتخب ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊم شائسته بلوچ چيو ته پاڪستان ميڊيا ڪونسل جون صحافت ۽ صحافي ڀائرن لاء ڪيل خدمتون قابل تعريف آھن ۽ مان به اھو ئي جزبو ڏسي پاڪستان ميڊيا ڪونسل ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آھي تقريب ۾ ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، اورنگزيب ملڪ،دين محمد لاشاري،علي گوھر،علي وسير،زاھد شيخ، ۽ ضلع سکر جي صدر فضل الرحمن ڀٽو،عدنان راجپوت،نعيم اختر راجپوت،حفيظ الله لغاري،مشتاق گھانگرو،ڪامران کوکر،۽ ٻين شرڪت ڪئي

پنھنجي راءِ لکو