اسلام آباد (نمائندو خصوصي) حڪومت اڄ کان سموري ملڪ ۾ يوٽيليٽي اسٽور بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن 1971ع ۾ قائم ڪئي وئي هئي ۽ ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر ڪيترين ئي ڪوششن جي باوجود ڪارپوريشن جو خسارو گهٽ نه ٿي سگهيو۔هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن موجب اڄ 31 آگسٽ کان يوٽيليٽي اسٽورز باضابطه طور بند ڪيا پيا وڃن۔وزير موجب يوٽيليٽي اسٽورز جي ملازمن جو انگ 11 هزار 614 آهي، جن لاءِ گڏيل پيڪيج تيار ڪيو ويو آهي۔ ملازمن کي گڏيل طور تي 28 ارب روپين جو مالي پيڪيج ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته ڪانٽريڪٽ ملازمن کي به پيڪيج تحت سهولتون مهيا ڪيون وينديون۔طارق فضل چوڌري وڌيڪ ٻڌايو ته يوٽيليٽي اسٽورز جا سڀ اثاثا نيلام ڪيا ويندا ۽ ملازمن جي حقن جو مڪمل تحفظ يقيني بڻايو ويندو۔