ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ـ ڪشمور پوليس هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي موٽر سائيڪل ليفٽر گينگ کي گرفتار ڪري ورتو، ڪارروائي دوران 3 جوابدارن کي حراست ۾ وٺي 12 چوري ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون۔ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو جي هدايتن تي ايس ڊي پي او ڪنڌڪوٽ فراز علي ميتلو ۽ انچارج مددگار پوليس ڪنڌڪوٽ خليل احمد لغاري جي سربراهي ۾ پوليس ٽيم خفيه اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪئي۔پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ شامل آهن:01- مير خان ولد پيارو سميجو02- ثاقب ولد عارب سهرياني03- زوهيب شاه ولد رجب شاهپوليس مطابق هٿ آيل موٽر سائيڪلن کي قانوني ڪارروائي مڪمل ٿيڻ بعد اصل مالڪن حوالي ڪيو ويو، جن ۾ شامل آهن: وڪي ڪمار، نصيب الله ملڪ، فضل محمد بنگوار، سجاد اعوان، عبدالرزاق بنگوار، ارجن داس، اشوك ڪمار، استاد عبدالمجيد منگي، ڊاڪٽر انيل ڪمار، جيپال داس، روھيت ڪمار ۽ سنديپ ڪمار۔ايس ايس پي ڪشمور پوليس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته شھرين جي جان ۽ مال جو تحفظ پوليس جي پهرين ترجيح آهي ۽ ڏوھاري عنصرن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون ته جيئن عوام پاڻ کي پرامن ۽ محفوظ محسوس ڪري۔
