وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر سان ملاقات ۾ ٻوڏ متاثرن تي همدردي ۽ خطي ۾ تعاون تي زور

وزيراعظم شهباز شريف، چين جي شهر تيانجن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (SCO) جي سربراهي اجلاس دوران جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات دوران صدر اردوان پاڪستان ۾ تازو ٿيندڙ ٻوڏ جي سبب زندگي ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته مشڪل وقت ۾ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام پاڪستان سان گڏ آهن ۽ متاثر ٿيل ماڻهن جي بحالي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ تي تيار آهن. وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي تعلقات تي روشني وڌندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي لاڳاپا هر وقت مضبوط ۽ ڀائراڻه بنيادن تي قائم رهيا آهن ۽ گڏيل تعاون جي ذريعي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي اڳتي وڌائڻ ضروري آهي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان-ترڪيه سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ سلامتي جي ميدانن ۾ وڌندڙ تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي معاملا، بشمول انساني بحران ۽ امن امان تي بحث ڪيو.

خاص طور تي غزه ۾ انساني صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر اردوان فلسطيني عوام جي حقن جي حمايت ڪئي ۽ اسرائيلي جارحيت ۽ نسل ڪشي جي پاليسين جي سخت مذمت ڪئي.ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي گهري ڀائراڻه لاڳاپن تي ڀروسو ظاهر ڪيو ويو ۽ عالمي امن، خطي جي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.