صدر آصف علي زرداري آچر تي دهشتگردي جي خاتمي واري (ترميمي) بل 2025 تي صحيح ڪري ڇڏيو، جنهن جو مقصد دهشتگردي جي انت وارين ڪوششن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ ۽ قانوني نگراني ۽ حفاظتي قدمن کي يقيني بڻائڻ آهي. هي ترميم دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ 1997 ۾ ڪئي وئي آهي، جنهن کي گذريل مهيني قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ طرفان منظوري ڏني وئي. ترميم تحت اهي اختيار ٻيهر شامل ڪيا ويا آهن جيڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ هٿياربند فوج کي ڪنهن به شخص کي 3 مهينن تائين گرفتار رکڻ جي اجازت ڏين ٿا. آيوان صدر جي بيان موجب، هي قانون سيڪيورٽي ادارن جي صلاحيت کي مضبوط ڪري ٿو ته جيئن دهشتگردي جي خاتمي ۽ قومي سلامتي جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته عدالتي نگراني ۽ حفاظتي قدمن جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي ته جيئن اختيارين جو غلط استعمال نه ٿئي. بل جي مطابق، حڪومت، هٿياربند فوج ۽ سول آرمڊ فورسز کي اختيار هوندو ته قومي سلامتي خلاف سرگرمين، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀته خوري يا اغوا براءِ تاوان جهڙن ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جي شڪ تي ڪنهن به شخص کي 3 مهينن تائين گرفتار رکيو وڃي. گرفتاري آئين جي آرٽيڪل 10 جي تحت ضمانتن جي تابع هوندي. جيڪڏهن گرفتاري جو حڪم فوج يا سول آرمڊ فورسز جاري ڪندي، ته شڪي شخص جي جاچ لاءِ گڏيل ٽيم ڪم ڪندي، جنهن ۾ پوليس، انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻيا ادارا شامل هوندا.
صدر زرداري جي بيان موجب، ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال هڪ مضبوط ۽ موثر ردعمل جي ضرورت آهي، جيڪا موجوده قانوني فريم ورڪ کان اڳتي آهي. ترميم تحت حڪومت هٿياربند فوج ۽ سول آرمڊ فورسز کي شڪي ماڻهو کي گرفتار ڪرڻ جو قانوني اختيار حاصل هوندو، ته جيئن دهشتگردي وارن منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ کان اڳ ئي ناڪام بڻايو وڃي.