حڪومت يوٽيليٽي اسٽورز بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اسٽاف رپورٽ) – حڪومت اڄ 31 آگسٽ کان سموري ملڪ ۾ يوٽيليٽي اسٽورز بند ڪري ڇڏيا آهن. پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي يوٽيليٽي اسٽور ڪارپوريشن جا عهديدار به موجود هئا. طارق فضل چوڌري چيو ته يوٽيليٽي ڪارپوريشن جو ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. يوٽيليٽي اسٽورز پاڪستان ۾ 1971 ۾ قائم ڪيا ويا هئا، ۽ ڪارپوريشن جو خسارو گهٽائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا، پر نتيجي ۾ خسارو گهٽ نه ٿي سگهيو، جنهن سبب يوٽيليٽي اسٽورز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزير ٻڌايو ته يوٽيليٽي اسٽورز ۾ ملازمن جو انگ 11 هزار 614 آهي، جن لاءِ گڏيل پيڪيج تيار ڪيو ويو آهي. ملازمن کي مجموعي طور تي 28 ارب روپين جو پيڪيج ڏنو پيو وڃي. ڪانٽرڪٽ ملازمن جي حقن جو پڻ تحفظ يقيني بڻايو ويو آهي. پارلياماني وزير وڌيڪ چيو ته يوٽيليٽي اسٽورز جا اثاثا نيلام ڪيا ويندا ۽ ملازمن جي حقن جو تحفظ مڪمل طور تي يقيني بڻايو ويندو.