ايس سي او ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي، جعفر ايڪسپريس ۽ خضدار حملن جي مذمت

شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 25هين اجلاس ۾ پاڪستان کي وڏي سفارتي ڪاميابي حاصل ٿي آهي، جڏهن ته جاري پڌرائي ۾ جعفر ايڪسپريس ۽ خضدار ۾ ٿيل دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي۔ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اهي حملا خطي جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي منظم سازش آهن، جن کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو۔ ايس سي او طرفان هن باضابطه مذمت کي پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ⁠تہ ان سان عالمي سطح تي دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي موقف جي مڪمل تائيد ٿي آهي۔ پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ميمبر ملڪ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن، گڏجي هن ناسور کي جڙ کان ختم ڪيو ويندو۔