اسلام آباد: آمريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي صحت ۽ وطن واپسي بابت ٻڌڻي لاءِ ٺاهيل نئون بينچ به ٽٽي ويو۔ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس انعام امين منهاس ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪندي معاملو چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو۔ تفصيل موجب ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي جي درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس انعام امين منهاس ريمارڪس ڏنا ته “هي معاملو ماسٽر آف روستر بابت متنازع آهي، ان جو فيصلو هاڻ لارجر بينچ ڪندو۔” سماعت ۾ درخواست گذار جي وڪيل عمران شفيق ايڊووڪيٽ چيو ته “مي لارڊ، معاملو ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي۔” جنهن تي جسٽس انعام امين منهاس چيو ته “ڪجهه ڏکيو ناهي، منهنجو فيصلو واضح آهي ته ماسٽر آف روستر چيف جسٽس آهي۔” هن وڌيڪ چيو ته “هڪ ٻئي راءِ موجب چيف جسٽس ماسٽر آف روستر ناهن، تنهنڪري اهو معاملو لارجر بينچ ڏانهن اماڻي رهيو آهيان ته جيئن حتمي فيصلو اچي سگهي۔” ياد رهي ته ان کان اڳ به اهو ڪيس جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان جي بينچ ۾ هو، جنهن عدالتي حڪم عدولي تي وزيراعظم ۽ ڪابينا کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا هئا۔ بعد ۾ جسٽس اعجاز اسحاق کان سنگل بينچ وارا سمورا ڪيس واپس وٺي، انهن کي جسٽس بابر ستار جي سربراهي ۾ ٽيڪس ڪيسز واري اسپيشل ڊويزن بينچ ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جڏهنتہ ڊاڪٽر عافيه صديقي ڪيس جسٽس انعام امين منهاس ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو۔