ڪنڌڪوٽ:الخدمت فائونڊيشن ضلع ڪشمور جي طرفان 200 غريب سيلاب متاثرين کي ڪچن سيٽ ڏنا ويا

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، الخدمت فائونڊيشن ضلع ڪشمور جي طرفان 200 غريب سيلاب متاثرين کي ڪچن سيٽ ڏنا ويا،غريبن جي خدمت جو سلسلو هميشه جاري رهندو:حبيب الله پٺاڻ ، تفصيل موجب الخدمت فائونڊيشن ضلع ڪشمور طرفان 200 غريب سيلاب متاثرين ۾ ڪچن سيٽ ورهايا ويا.ان موقعي تي الخدمت فائونڊيشن ڪشمور جي ضلعي صدر پروفيسر حبيب الله پٺاڻ چيو ته الخدمت فائونڊيشن سڄي ملڪ ۾ انسانيت جي خدمت جو ڪم بنا ڪنهن فرق جي ڪري رهي آھي ۽ صرف گذريل سال 2022 الخدمت 13 ارب کان وڌيڪ ماليت جا مختلف فلاحي ڪم سر انجام ڏنا آھن ۽ هتي به الخدمت کاڌي پيتي،صحت،تعليم سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏنا آھن ۽ متاثرن جي مڪمل بحالي تائين الخدمت سندن ساٿ ڏيندي.ان موقعي تي الخدمت جو ضلعي جنرل سيڪريٽري الياس نور چنا ۽ معاون عبد الرحمن پٺاڻ ۽ ٻيا ذميدار ۽ رضاڪار موجود هئا

پنھنجي راءِ لکو