افغانستان ۾ هولناڪ زلزلو، 600 کان وڌيڪ فوت، هڪ هزار زخمي

ڪُنڙ (افغانستان) – افغانستان جي صوبي ڪنڙ ۾ رات دير سان آيل خوفناڪ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي. شروعاتي رپورٽن مطابق گهٽ ۾ گهٽ 600 ڄڻا فوت ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. افغان ميڊيا موجب زلزلي جي شدت 6 رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جو مرڪز جلال آباد شهر کان لڳ ڀڳ 8 ڪلوميٽر زمين اندر هو. زلزلي کان پوءِ وڌيڪ پنج آفٽر شاڪس پڻ محسوس ڪيا ويا، جن جي شدت 4.3 کان 5.2 تائين رهي. قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ افغان اداري مطابق سڀني کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان نورگل، سواڪئي، واٽاپور، منوگي ۽ چپه دره ضلعن ۾ ٿيو، جتي ڪيترائي ڳوٺ مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن. خدشو آهي ته سوين ماڻهو اڃا تائين ملبي هيٺ دٻيل آهن. امدادي ڪارروايون تيزي سان جاري آهن. دفاع، گهرو ۽ صحت واري وزارت جون ٽيمون موقعي تي پهچي چڪيون آهن، جڏهن ته هيليڪاپٽر ذريعي زخمين کي ننگرهار ريجنل اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. اسلامي امارت افغانستان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد سمورين اختيارين کي هدايت ڪندي چيو آهي ته متاثرين جون زندگيون بچائڻ لاءِ سڀ وسيلن کي استعمال ۾ آندو وڃي. زلزلي جا لوڏا ننگرهار، نغمان، ڪابل ۽ پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخواهه جي ڪجهه علائقن ۾ به محسوس ڪيا ويا.