پريالوء ڀرسان ڳاڙهي موري اسٽاپ تان نامعلوم نوجوان جو لاش هٿ

پريالوء ڀرسان ڳاڙهي موري اسٽاپ وٽان هڪ نامعلوم نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي۔ اطلاع ملڻ تي پريالوء پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو۔ پوليس موجب فوتي جي عمر لڳ ڀڳ 25 کان 30 سال ٻڌائي وڃي ٿي ۽ هو ظاهري طور نشي جو عادي لڳي پيو۔ پوليس طرفان لاش جي سڃاڻپ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته وارثن جي ڳولا به شروع ڪئي وئي آهي۔پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد موت جا اصل سبب معلوم ٿي سگهندا۔