سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ – وڏو وهڪرو اچڻ جي تياري، وڏي وزير جو بيان

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پنجاب ۾ آيل ٻوڏ جو پاڻي ڪالاباغ تائين پهچي ئي نٿو سگهي، ان ڪري هن وقت ڪالاباغ ڊيم بابت بحث ڪرڻ فضول آهي. قدرتي آفت جي وقت اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ بدران گڏجي حالتن کي منهن ڏيڻ گهرجي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن ٻڌايو ته اين ڊي ايم اي پاران اطلاع ڏنو ويو آهي ته سنڌ ۾ 8 کان 11 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جو امڪان آهي. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن 9 لک ڪيوسڪ وهڪرو به اچي ٿو ته حڪومت انهي کي “مها ٻوڏ” طور منهن ڏيڻ جي تياري ڪري چڪي آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته 2010 جي ٻوڏ کان پوءِ بندن ۽ بيراجن تي وڏي پيماني تي ڪم ڪيو ويو، ۽ تازي وهڪرن دوران به گڊو بيراج مان 5 لک 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي بنا ڪنهن هنگامي صورتحال جي گذري ويو. تنهن هوندي به حڪومت بندن ۽ ڪمزور هنڌن تي مڪمل مانيٽرنگ ڪري رهي آهي.هن واضح ڪيو ته سڀ کان وڏو چيلينج ماڻهن ۽ چوپائي مال کي بچائڻ آهي، تنهنڪري امڪاني متاثر علائقن مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته پاڪ فوج جا 2 يونٽ ۽ پاڪستان نيوي جون ٽيمون به ريسڪيو ۽ ريليف لاءِ مقرر ٿي ويون آهن.پريس ڪانفرنس ۾ مراد علي شاهه صحافين جي هڪ خبر کي غلط قرار ڏيندي چيو ته منهنجي دورو ڪرڻ کان پوءِ ڪيمپ ختم نه ٿي هئي، اها صرف بريفنگ لاءِ لڳل هئي.

وڏي وزير چيو ته اين ڊي ايم اي پاران هاڻي 11 لک ڪيوسڪ پاڻي جي آمد جي اطلاع کان پوءِ وڌيڪ تياريون ڪيون پيون وڃن. 3 ۽ 4 سيپٽمبر تي پنجاب مان پاڻي اچڻ کان پوءِ صورتحال وڌيڪ واضح ٿيندي، جڏهن ته 6 سيپٽمبر تي يومِ دفاع ۽ 12 ربيع الاول به اچي رهيا آهن، انهن ڏينهن ۾ صورتحال تي ويجهو نظر رکي ويندي.

ماحولياتي تبديلي بابت سوال تي مراد علي شاهه چيو ته اها حقيقت آهي، پر موجوده وقت ۾ ڌيان ايندڙ 15 ڏينهن کي خيريت سان گذارڻ تي آهي. هن چيو ته سنڌ، پنجاب جي عوام سان مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهي.