بيجنگ: وزيراعظم شهباز شريف عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ سان گريٽ هال آف دي پيپلز ۾ ملاقات ڪئي، جتي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان-چين لاڳاپن، اقتصادي سهڪار ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شي جن پنگ چيو ته چين پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي سمورن شعبن ۾ مدد جاري رکندو، خاص طور تي جڏهن سي پيڪ پنهنجي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جنهن تحت پاڪستان جي اهم ترين اقتصادي شعبن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف صدر شي جن پنگ جي قيادت ۽ اڳواڻي جي واکاڻ ڪندي چيو ته چين جديديت ۽ ترقي جون منزلون طئي ڪري دنيا لاءِ هڪ مثال بڻيو آهي ۽ پاڪستان کي چين جي ڪاميابين تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪستان چين سان گڏجي هن عظيم سفر ۾ هر قدم تي اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن موسمياتي تبديلي، توانائي، واپار ۽ علائقائي استحڪام بابت گڏيل تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان چين جي بي آر آئي ۽ سي پيڪ منصوبي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، نون شعبن ۾ گڏيل سيڙپڪاري ۽ عالمي امن و استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششن تي به اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف صدر شي جن پنگ کي ايندڙ سال پاڪ-چين دوستي جي 75هين سالگره جي موقعي تي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهميت رکي ٿو.