سکر نيشنل پريس ڪلب نيوز/ سکر جي اسلام ڪالوني جي رهواسين برڙا برادري جي ڀائر ۽ ڀينرن سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين امان الله ٻرڙو، اسد الله، شرما خاتون ۽ سارہ نعريبازي ڪندي چيو ته سندس والد مرحوم صديق ٻرڙو کي چار پٽن ۽ ٽن ڌيئرن جي اولاد آهي، جن جو رڪارڊ نادرا وٽ پڻ موجود آهي، نادرا جي رڪارڊ موجب حبيب الله يعقوب ٻرڙو جو پٽ آهي، اسان جي والد کيس پاليو هو، هاڻي هن اسان جي گهر تي قبضو ڪري ورتو آهي، امان جي زال سسئي ۽ پٽ ولي الله کي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي، نيوپنڊ ٿاڻي جو وڏو منشي خليق مهر جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي خاموش آهي، هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.
