ڪنڌڪوٽ: ٽوڙي بند تي صورتحال ڪنٽرول ۾، ڪو خطرو ناهي: ڊي سي ڪشمور

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان پٺاڻ چيو آهي ته اسان هر خطري سان منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا، في الحال پاڻي جي واڌ ڪونهي ۽ نه ئي ڪو خطري جو خدشو آهي. ضلعي حڪومت ايمرجنسي واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هر سطح تي بندوبست ڪري ڇڏيو آهڊي سي آغا شير زمان پٺاڻ ٽوڙي بند تي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪچي جي متاثر ڳوٺاڻن جي چوپائي مال کي بچائڻ لاءِ به الڳ ڪئمپ هنئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته پاڻي ڪجهه ڏينهن بعد پنج ند ۾ گڏ ٿيندو ته صورتحال واضح ٿيندي، بندن جي حالت بهتر آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ وڏو وهڪرو به خير خوبي سان گذري ويندو.ان کان اڳ ٽوڙي بند واري علائقي ۾ مقامي ماڻهن سپر فلڊ جي تاثر کي رد ڪندي چيو ته ڪوبه خوف ۽ خطرو محسوس نٿا ڪريون، هن وقت صورتحال تسلي بخش آهي ۽ اسين پنهنجا گهر نٿا ڇڏينداسين. مقامي ماڻهن جو چوڻ هو ته ڪجھ ماڻهو سوشل ميڊيا تي غلط خبرون هلائي هراس ۽ خوف پکيڙي رهيا آهن.ٻئي طرف ٽوڙي بند واري علائقي ۾ شهباز رينجرز ۽ صحت کاتي ڪشمور طرفان مفت طبي ڪئمپون پڻ لڳايون ويون آهن، جتي ڀرپاسي جي متاثر ڳوٺاڻن کي مفت چڪاس ۽ دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن.