ٺڪراٺو شهر ۾ سيکڙاٽ عطائي ڊاڪٽرن ۽ جعلي ميڊيڪل اسٽورمالڪن ديرا ڄمائي ڇڏيا هر گلي چوراهي تي اوهان کي عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون ۽ انهن سان گڏ هڪ ميڊيڪل اسٽور کليل نظر ايندو جيڪي گذريل ڪيترن ئي سالن کان هتان جي اٻوجھ عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا
ٺڪراٺو : شهر ۾ ميڊيڪل اسٽورن تي مدي خارج دوائون وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف هڪ ڳوٺاڻي پاران شهر جي ميڊيڪل اسٽور تان انجيڪشن گهرائي جيڪا پنج مهينا اڳ ۾ ايڪسپائر ٿي چڪي هئي ڳوٺاڻي پاران ميڊيڪل اسٽور مالڪ کان پڇا ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته اها ڪمپني کان ئي ايڪسپائر ٿيل آهي ان ۾ اسان جو ڪو ڏوھ ناهي ڳوٺاڻي پاران صحت کاتي ۽ اعلي اخيارين کان نوٽيس وٺي ڪري شهر ۾ مدي خارج ۽ ٻھ نمبر ميڊيسن وڪرو ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي
ٺڪراٺو ( رپورٽ ) ٺڪراٺو شهر ۾ سيکڙاٽ عطائي ڊاڪٽرن ۽ جعلي ميڊيڪل اسٽورمالڪن ديرا ڄمائي ڇڏيا هر گلي چوراهي تي اوهان کي عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون ۽ انهن سان گڏ هڪ ميڊيڪل اسٽور کليل نظر ايندو جيڪي گذريل ڪيترن ئي سالن کان هتان جي اٻوجھ عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن گذريل ڏينهن ڳوٺاڻي قمرالدين مهر شهر جي هڪ ميڊيڪل اسٽور تان هڪ انجيڪشن بوش ڪمپني جي ( فورٽازم 1Gm ) خريد ڪئي جيڪا مدي خارج هئي جنهنجو مدو 09/ 2022 تي پورو هو جڏهن ڳوٺاڻي پاران اسٽور مالڪ دانش آرائين وٽ واپس پهتو ۽ انکان اهو معلوم ڪيائين ته مدي خارج انجيڪشن اوهان ڇو ڏني آهي ته ان اسٽور مالڪ سندس ڀاء عطائي ڊاڪٽر طالب آرائين حيران ڪندڙ جواب ڏنو ۽ چيو ته ان ۾ اسان جو ڪو ڏوھ ناهي اها ڪمپني کان ئي ايڪسپائر آهي ۽ جيڪڏهن ايڪسپائري تاريخ کڻي لڳل آهي ته ان۾ به ڪو حرج ناهي اسان وٽ اهي استعمال ٿينديون آهن جڏهن اوهان ڏسو ته انجيڪشن پاڻي ملائڻ کانپوء ڪاري رنگ جي ٿي وئي آهي ته پوء اها مي خارج ٿيندي آهي ايڪسپائري ڊيٽ سان ڪو به فرق نه ٿو پوي. گذريل ڪيترن سالن ۾ ٺڪراٺو شهر ۾ صحت کاتي سکر ۽ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيمن ڇاپا هڻي عطائي ڊاڪٽرن ۽ ڊرگ انسپيڪٽرن پاران ميڊيڪل اسٽورن کي سيل ڪيو ويو آهي پر ان کان ٻئي ڏينهن ئي اهي پنهنجي دوڪانن تي لڳل سرڪاري سيلون ٽوڙي ويهي رهيا آهن جڏهن ته ذريعن وٽان اهو به معلوم ٿيو آهي ته عطائي ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل اسٽورن کان منٿلي عيوض اهي ڪاروبار هلائي رهيا آهن ڳوٺاڻي پاران ويڊيو بيان جاري ڪري صحت کاتي ۽ اعلي اختيارن کي نوٽيس وٺي ڪري انسان ذات لاء هاڃيڪار اهڙن ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي اپيل ڪري ڇڏي__
