سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪچي جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي خبردار ڪندي اپيل ڪئي آهي ته وڏو ٻوڏ وهڪرو جلد سنڌ ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي، انهي کان اڳ محفوظ هنڌن تي لڏپلاڻ ڪئي وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته، “خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ جو وهڪرو هاڻي سنڌ طرف وڌي رهيو آهي، خاص طور تي گڊو بيراج وٽ صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، جتي وڏو ٻوڏ وهڪرو داخل ٿيڻ وارو آهي.” وقت تمام گهٽ آهي: اطلاعات وارو وزير شرجيل ميمڻ خبردار ڪيو ته “وقت گهٽ آهي، انهي ڪري ڪچي جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي فوري طور تي درياهه جي ويجهو وارن هنڌن تان لڏي محفوظ علائقن ڏانهن وڃڻ گهرجي.” هن وڌيڪ چيو ته “سنڌ حڪومت ٻوڏ سان منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، پر ماڻهن جو تعاون سڀ کان اهم آهي.” رليف ڪيمپس موجود آهن اطلاعات واري وزير واضح ڪيو ته، “حڪومت جون رليف ڪيمپون مڪمل طور تي فنڪشنل آهن، جتي لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن کي رهائش، خوراڪ ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.” “اسان ماڻهن کان اپيل ڪريون ٿا ته پاڻي جي آمد کان پهريان ئي ڪچي مان نڪري اچن ته جيئن ڪنهن به جاني يا مالي نقصان کان بچي سگهجي،” هن وڌيڪ چيو.