خيبرپختونخوا ۾ ڪاروباري سهولتن لاءِ “آسان ڪاروبار بل 2025” منظور

خيبرپختونخوا اسيمبلي ڪاروباري سهولتن کي وڌيڪ شفاف، جديد ۽ آسان بڻائڻ لاءِ “خيبرپختونخوا آسان ڪاروبار بل 2025ڪثرت راءِ سان منظور ڪري ورتو آهيل جي اهم نڪتن موجب:صوبي ۾ ڪاروباري ماڻهن لاءِ “ون ونڊو آپريشن” جي سهولت فراهم ڪئي ويندي۔هڪ نئون “آسان ڪاروبار پورٽل” قائم ڪيو ويندو، جتي هر ننڍو يا وڏو ڪاروبار رجسٽرڊ ٿيندو۔هر ڪاروباري شخص کي هڪ الڳ ڊيجيٽل آءِ ڊي جاري ڪئي ويندي، جنهن وسيلي رجسٽريشن، لائسنس، پرمٽس ۽ ادائگيون آن لائين ۽ اي-پيمنٽ ذريعي ممڪن هونديون۔بل تحت “ايز آف ڊوئنگ بزنس ڊائريڪٽوريٽ EDBD)” جو قيام به عمل ۾ آندو ويندو، جيڪو پورٽل جي سار سنڀال، سهولتن ۽ اپ گريڊيشن جو ذميوار هوندو۔ان سان گڏ هڪ “ريگيوليٽري رجسٽري” به قائم ڪئي ويندي، جيڪا ساڳئي اداري جي هيٺ ڪم ڪندي۔حڪومتي ذريعن موجب، وزيراعليٰ خيبرپختونخوا اسٽيرنگ ڪاميٽي جي سربراهي ڪندا، جيڪا هن قانوني قدمن جي نگراني ڪندي۔ماهرن جو چوڻ آهي ته هن بل جي منظوري سان نه صرف ڪاروباري ماحول ۾ بهتري ايندي، پر سيڙپڪاري ۾ اضافو ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيندا۔