غير ملڪي خبر ايجنسي موجب سعودي آرامڪو ۽ عراق جي سرڪاري آئل مارڪيٽنگ ڪمپني سومو ڀارت جي روسي حمايت يافته ريفائنري ڪمپني نايارا انرجي کي خام تيل جي فراهمي معطل ڪري ڇڏي آهي. هي قدم يورپي يونين پاران جولاءِ ۾ لاڳو ڪيل پابندين کان پوءِ کنيو ويو آهي۔لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج گروپ (LSEG) جي شپنگ ڊيٽا موجب خليجي فراهم ڪندڙن جي سپلائي روڪڻ کان پوءِ نايارا انرجي، جنهن جو وڏو شيئر هولڊر روسي آئل ڪمپني روزنيفت آهي، آگسٽ ۾ مڪمل طور تي روسي خام تيل تي ڀاڙڻ تي مجبور ٿي وئي۔ڊيٽا مطابق نايارا انرجي اڳ هر مهيني لڳ ڀڳ 20 لک بئرل عراقي خام تيل ۽ 10 لک بئرل سعودي خام تيل خريد ڪندي هئي، پر آگسٽ ۾ ٻنهي فراهم ڪندڙن پاران ڪو به ڪارگو موڪليو نه ويو۔رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سومو ۽ نايارا انرجي هن معاملي تي ڪو به ردعمل ظاهر نه ڪيو، جڏهن ته سعودي آرامڪو به تبصري کان پاسو ڪيو آهي۔واضح رهي ته روسي تيل جي خريداري سبب آمريڪا ڀارت تي 50 سيڪڙو تجارتي ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو آهي۔هن حوالي سان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازو بيان ۾ چيو ته ڀارت هاڻي پنهنجا محصول صفر ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي، پر اها آڇ دير سان آئي آهي ۽ ڪيترائي سال اڳ ٿيڻ گهرجي ها۔