ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ)ٽوڙي بند تي پ پ ايم پي اي سردار محبوب علي خان بجاراڻي وڏي اعلان ۾ چيو آهي ته بند بلڪل محفوظ آهن ۽ ڪنهن کي به ڪٽ هڻڻ نه ڏينداسين۔سردار محبوب بجاراڻي جو چوڻ هو ته “جيڪڏهن ڪنهن ڪٽ هڻڻ جو سوچيو به ته اسين پاڻ رڪاوٽ بڻجنداسين، ڇوتہ هي علائقو ننڌڻڪو ناهي جو ماڻهن کي ٻوڙڻ لاءِ قربان ڪيو وڃي۔ اڳ ۾ ئي هتان جا ماڻهو بدامني جو گهڻو ڀوڳي رهيا آهن۔”هن وڌيڪ ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي حڪمن تي بندن جو معائنو ڪيو ويو آهي۔ جيڪڏهن ڪٿي بئراج يا شاخن جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي ته اهو امڪاني ٻوڏ جي دٻاءَ سبب احتياطي قدم طور ڪيو ويو آهي، جنهن تي ايريگيشن عملدار وڏي وزير جي هدايتن تي عمل پيرا آهن۔بند محفوظ آهن: ايڪسيئنايڪسيئن بي ايس فيڊر ڊويزن امير بخش مهر چيو ته “ٽوڙي بند ۽ ڪي ڪي بند مڪمل طور محفوظ آهن، اسان 24 ڪلاڪ هتي موجود آهيون ۽ بندن جي نگراني جاري آهي۔ ايندڙ امڪاني ٻوڏ جا وهڪرا آساني سان گذري ويندا، ڪي ڪي بند تي ڪا به خطري واري صورتحال ناهي۔”