غوثپور شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بدامني تي قابو نه اچي سگهيو آهي، جنهن سبب عوام بدستور ڏوھارين جي خوف ۾ مبتلا ۽ مايوس آهي. پوليس جي ناقص ڪارڪردگي عوام کي تحفظ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. تازو واقعو مئن شاهه بازار جي دولي چوڪ واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چئن ڄڻن حفيظ سومرو جي اٽي جي چڪي تي ڌاڙو ڪيو. ڏوھارين 80 هزار کان وڌيڪ نقد رقم ۽ عملي کان چار موبائيل فون چوري ڪري فرار ٿي ويا. متاثر عبدالحفيظ سومري رپورٽر سان ڳالھائيندي چيو ته ڏينھن ڏٺي جو مصروف علائقي ۾ اهڙو ڌاڙو عوام لاءِ وڏي صدمه آهي، ڪاروبار به متاثر ٿيو آهي ۽ روزمره جي زندگي ۾ سڪون ختم ٿي ويو آهي. هن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل سامان ۽ روڪ رقم واپس ڪرائي وڃي، نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. عوام جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پوليس مناسب قدم نه کڻي، ته بدامني جو سلسلو وڌيڪ وڌي سگهي ٿو.