سنڌو درياهه ۾ ننڍي ٻوڏ برقرار، پاڻي جي سطح ۾ واڌ

سکر (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌو درياهه ۾ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجز وٽ پاڻي جي سطح ۾ ننڍي ٻوڏ برقرار آهي، جڏهن ته وهڪرن ۾ واڌ پڻ رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔ فلڊ ڪنٽرول روم موجب:گڊو بئراج: مٿانهون وهڪرو 3 لک 37 هزار 771 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 11 هزار 834 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو۔سکر بئراج: پاڻي وهڪرن ۾ 27 هزار ڪيوسڪ واڌ، مٿانهون وهڪرو 3 لک 30 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 75 هزار 850 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو۔ڪوٽڙي بئراج: مٿانهون وهڪرو 2 لک 48 هزار 686 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 9 هزار 431 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو۔ان کان علاوه، هيڊ پنجند وٽان سنڌو درياهه ۾ هڪ لک 55 هزار 62 ڪيوسڪ جا وهڪرا وهڻ جاري آهن۔آبپاشي کاتي موجب پاڻي جي سطح ۾ وڌيڪ واڌ جا امڪان آهن، تنهن ڪري لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔