ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، صبح جو اسر ويلي غوثپور پوليس پاران مبينه مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن مبينه ڏوھارين ميرمحمد ۽ اسد شيخ جي وارثن جو شھر جي مئن بس اڏي تي پريس ڪلب ٻاھران پوليس خلاف سخت احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي ويئي۔ ان موقعي تي مقتولن جي وارثن الله رکيو۔ فقير قربان۔ مھراڻ شيخ۔ مورزادو ۽ امير بخش شيخ اي ڊي اين نيوز آڏو دانھيندي چيو ته اسانجي ٻنھي نوجوانن جي خلاف پوري ڪشمور ضلعي ۾ ڪنھن به ٿاڻي تي ڪوبه ڪيس داخل ڪونھي۔ غوثپور پوليس جو ايس ايڇ او ٻنھي نوجوانن کي موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل چوري جي الزام ۾ ٽي ڏينھن اڳ گرفتار ڪري لڪائي ڇڏيو۔ گذريل رات ھن اسان کان نوجوانن جي رھائي عيوض ٻھ لک رشوت گھري جيڪا اسان غريب ھجڻ سبب نه ڏيئي سگھياسين ته اڄ اسر ويلي ٻنھي نوجوانن جا ھٿ ۽ پير ٻڌي روڊ تي سمھاري گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو۔ ھنن نئي آيل ايس ايس پي عرفان سمون کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
