ڪنڌڪوٽ :سي سيڪشن ٿاڻي جي حد گولا موڙ تي پٺاڻن مغوي جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو جاري آهي

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ، ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد گولا موڙ تي پٺاڻن مغوي جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو جاري آهي سنڌ بلوچستان پنجاب کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل! ڪجهه ڏينهن پهريان ڪپڙا ويڪرو ڪندڙ پٺاڻ ڪچي طرف ڪپڙا ويڪرو ڪرڻ ويو ته هن وقت تائين واپس ڪونه موٽيو آهي وارثن پاران مغوي جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو جاري آهي ۽ وارثن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ڌاڙيلن ڪال ڪري اسان کان 50 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي اسان غريب آهيون ايترا پئسا ڪٿان آڻيون ھوڏانھن پوليس پھچي ڪري مغوي کي بازياب ڪرائڻ لاء يقين ڌياني ڪرايو ته مغوي جلد بازياب ڪرائي ويندو ء خاطري بعد پٺاڻن پاران خاطري بعد انڊس ھاء وي کوليو ويندو

پنھنجي راءِ لکو