ڪنڌڪوٽ:سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل اگهن مطابق کاڌ خوراڪ واريون شيون وڪرو ڪيون وڃن وڌيڪ اگه وٺندڙ دڪاندارن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل اگهن مطابق کاڌ خوراڪ واريون شيون وڪرو ڪيون وڃن وڌيڪ اگه وٺندڙ دڪاندارن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ رانه سفيان بابر خان ، تفصيل موجب اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ رانه سفيان بابر خان ڪنزيومر ڪوررٽ سڳوي جي خاص هدايتن تي ڪنڌ ڪوٽ شهر اندر کاڌ خوراڪ وارين شين جي اگهن جو جائزو وٺڻ لاء گوشت ,مڇي , سبزي ۽ عام وهپري جي مارڪيٽ اندر حڪومت پاران جاري ڪيل جي اگهن تي عملدرامد ڪرائڻ لا شهر جو دورو ڪيو، ان سان گڏو گڏ شهر جي دڪانن تي صفائي حددخلين 98 رپيه ڪلو اٽي جي اگهن تي عملدرامد ڪرائڻ جو جائزو ورتو دڪاندارن کي خاص هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي هن دڪاندارن ۽ واپارين کي هدايت ڪئي ته وڌيڪ اگه وٺندڙ دڪاندارن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي .

پنھنجي راءِ لکو