سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) سنڌ ۾ ٽيوب ويل نه هلائڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل،لاڳاپيل ڌرين کي 28 فبروري تي پيش ٿيڻ لاءِ نوتيس جاري تفصيل موجب سنڌ ۾ اسڪارپ جا ٽيوب ويل نه هلائڻ خلاف گهوٽڪي ضلعي سان تعلق رکندڙ منظور احمد سومرو وڪيل زبير ملڪ معرفت داخل پٽيشن جي ڊبل بينچ ٻڌڻي ڪندي اسڪارپ ڪامورن کي 28 فبروري تي عدالت طلب ڪري ورتو آھي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھي داخل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته اسڪارپ کاتي جا1881 ملازم آهن جن کي هر مهيني 7 ڪڙور پگهارون ڏنيون پيو وڃن ۔ سنڌ ۾ ٽيوب ويل نه هلڻ ڪري سم ۽ ڪلر سبب زمينو تباه ٿي رهيون آهن پگهاريون ڏيڻ باوجود ٽيوب ويل نه ٿا هلايا وڃن سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ ٽيوب ويل موجود ئي ناهن۔عدالت وڌيڪ انڪوائري لاء ڊپٽي ڊائريڪٽراينٽي ڪرپشن سکر سميت سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن گھوٽڪي کي پڻ نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔جڏهن ته پٽيشنر عدالت کي استدعا ڪئي ته گھوٽڪي ضلعي جا سمورا ٽيوب ويل ناڪارا بڻجي وياآھن ضلعي ۾ زمينون سم ڪلر جي ور چڙھي ويون آھن بجيٽ ۾ ھر سال ڪروڙين روپيا رکيا وڃن ٿا جيڪي ڪامورا ڪرپشن ڪري ھڙپ ڪن ٿا۔
