ڪنڌ ڪوٽ :ڪجھ ڏينهن اڳ گھر اڳيان ڪار بيھارڻ جي معاملي تي پٺاڻ ۽ گولا برادري جي ماڻھن ۾ جيھڙي بعد گولا برادري جي لٺ بردار ماڻھو پاران گذريل ڏينهن مانڊلي ھلائيندڙ پورھيت زبير احمد پٺاڻ تي حملو ڪري اڌ مئو ڪيو

ڪنڌ ڪوٽ ڊر ـ ڪنڌ ڪوٽ ڪجھ ڏينهن اڳ گھر اڳيان ڪار بيھارڻ جي معاملي تي پٺاڻ ۽ گولا برادري جي ماڻھن ۾ جيھڙي بعد گولا برادري جي لٺ بردار ماڻھو پاران گذريل ڏينهن مانڊلي ھلائيندڙ پورھيت زبير احمد پٺاڻ تي حملو ڪري اڌ مئو ڪيو جنهن جي طعبيت خراب ٿيڻ بعد سکر جي اسپتال کان لاڙڪاڻي نيو ويو جتان به ڊاڪٽرن جي مشوري بعد ڪراچي نيو ويو آهي نوجوان پورھيت زندگي ۽ موت سان جنگ لڙي رھيو آهي اھڙي واقعي جي باوجود ڪنڌ ڪوٽ پوليس نه ڪيس داخل ڪيو نه ڪو جوابدار گرفتار ڪيو آهي شھر اندر سرعام لٺ بردارن جو حملي تي ڪاروباري شھرين ۾ تاء پکڙيل واقعي کي سوشل ميڊيا تي وڏي مقدار ۾ عام شھرين وائرل ڪيو پوسٽن ۾ لکيو ويو ته ته شھر اندر پوليس جي ھجڻ باوجود عام شھري جي مٿان حملو زخمي ڪيو ويو پر پوليس جو ڪردار ڪٿي به نظر نه آيو ڪافي پوسٽن ۾ ايس ايس پي عرفان سمون کان به مطالبو ڪيو ته فوري شھر جي امن خاطر شھرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاء بنا دير حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪري متاثر سان انصاف ڪيو وڃي

پنھنجي راءِ لکو