سنڌ حڪومت طرفان عورتن جي سهولت لاءِ اهم قدم کنيو ويو آهي، جنهن تحت هلندڙ هفتي دوران عورتن ۽ شاگردياڻين کي مفت اليڪٽرڪ پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔ ان حوالي سان سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪنول ڀٽو ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران پروگرام جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته شرجيل ميمڻ چيو ته حڪومت جو هي قدم عورتن لاءِ هڪ انقلابي سهوليت آهي، جنهن سان نه صرف وقت جي بچت ٿيندي پر سفري خرچن ۾ به نمايان گهٽتائي ايندي ۽ عورتن کي هڪ محفوظ ۽ باوقار سفر ميسر ٿيندو۔ شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته اها اسڪيم خاص طور تي انهن عورتن ۽ شاگردياڻين لاءِ تيار ڪئي وئي آهي، جيڪي روزانو تعليم، نوڪري يا ٻين ضروري ڪم ڪار لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي ڀاڙين ٿيون۔ درخواست گذار عورتن ۽ شاگردياڻين جو رڪارڊ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ذريعي تيار ڪيو پيو وڃي هن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته اليڪٽرڪ اسڪوٽيز شفاف طريقيڪار جي ذريعي، ميرٽ ۽ ضرورت جي بنياد تي الاٽ ڪيون وينديون، جيئن وڌ کان وڌ عورتون هن سهوليت مان فائدو حاصل ڪري سگهن۔ سنڌ حڪومت جي مطابق، هي پروگرام عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ وڌيڪ خودمختيار بڻائڻ لاءِ هڪ مثبت قدم آهي، ۽ حڪومت چاهي ٿي ته عورتن کي اهڙا موقعا ڏنا وڃن جن سان هو تعليم، نوڪري ۽ ٻين معاشرتي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي سگهن۔
