سنڌ حڪومت صوبي جي 14 ضلعن ۾ بلدياتي ضمني چونڊن جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي حڪومت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب بلدياتي چونڊن وارن تڪن ۾ 24 سيپٽمبر (اربع ڏينهن) تي اسڪولن ۽ سرڪاري ادارن ۾ موڪل هوندي. هن سلسلي ۾ تعليم کاتي طرفان ضلعي جي تعليمي آفيسرن ۽ ڊائريڪٽوريٽ، پرائيويٽ اسڪولز کي به خط جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن دوران اسڪولن ۾ پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويندا، ان لاءِ مڪمل تعاون ڪيو وڃي. نوٽيفڪيشن مطابق گهوٽڪي، سکر، خيرپور، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٽياري، حيدرآباد، ڄامشورو، دادو، بدين ۽ ٺٽو ضلعن ۾ موڪل هوندي، جڏهنتہ ڪراچي ويسٽ، ڪراچي ايسٽ ۽ ڪياماڙي ضلعن ۾ به 24 سيپٽمبر تي اسڪول، سرڪاري ادارا ۽ ڪاروباري مرڪز بند رهندا.
