متحده عرب امارات (يو اي اي) جي هڪ ثقافتي محقق ادبي فيسٽيول ۾ خطاب دوران پنهنجي چار زالن ۽ سئو کان وڌيڪ ٻارن جو انڪشاف ڪري شرڪت ڪندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو. عرب ميڊيا موجب، امارات جي رياست شارجه ۾ ٿيل سالياني فيسٽيول ۾ محقق سعيد مصباح الڪتبي پنهنجي گهرواري ۽ اولاد بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن جون 4 زالون آهن ۽ 100 کان وڌيڪ ٻار آهن. سندس اهڙي ڳالهه ٻڌي شرڪت ڪندڙ ششدر رهجي ويا. سعيد مصباح الڪتبي جي مختصر وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن کي لکين ڀيرا ڏٺو ۽ شيئر ڪيو ويو. خاص طور تي اماراتي صارفين سندس صحت، ذميواري ۽ ثقافتي ورثي کي برقرار رکڻ جي عزم تي تعريف ڪئي، جڏهن ته ڪيترن ماڻهن چار زالون رکڻ واري ڳالهه تي “ماشاءَالله” جا تبصرا ڪيا. شارجه انسٽيٽيوٽ فار هيريٽيج ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته سندس بنيادي مقصد پنهنجن ٻارن ۾ “السنع” يعني اماراتي اقتدار، آداب ۽ روايتون سيکارڻ آهي. هن ٻڌايو ته هو پنهنجي اولاد کي احترام، خانداني ذميواريون نڀائڻ، بزرگن جون روايتون سکڻ ۽ اماراتي ثقافت سان وابستگيءَ تي زور ڏئي ٿو. سندس چوڻ هو ته “السنع” ۾ مهمان نوازي، عاجزي، ايمانداري، رواداري، خاندان ۽ قوم سان وفاداري، روايتي سلام ڪرڻ، اماراتي لباس ۽ عربي زبان جي حفاظت شامل آهي.
