پريالوءُ ۾ نياڻي جو رشتو نه ڏيڻ تي ايمبولينس ڊرائيور جي گهر تي فائرنگ

پريالوءُ (رپورٽ) پريالوءُ شهر جي قريشي محلي ۾ نياڻي جو رشتو ڏيڻ کان انڪار تي ايمبولينس ڊرائيور ثناءُ ﷲ قريشي جي گهر تي موٽرسائيڪل سوار جوابدارن ڏينهن ڏٺي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. فائرنگ کانپوءِ جوابدار سرعام ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي ويا. متاثر گهر ڌڻي ثناءُ ﷲ قريشي الزام هنيو ته غلام مرتضيٰ الرو نياڻي جو رشتو نه ڏيڻ تي کين مسلسل ڌمڪيون ڏنيون ۽ هاڻي گهر مٿان فائرنگ جو واقعو ڪيو آهي. متاثر گهر ڌڻي احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي حياتين کي خطرو آهي، اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.