ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،دراني مهر پوليس ڪارروائي گوجرانوالہ جي رهائشي کي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو
پنجاب گوجرانوالہ جي رهائشي تنوير احمد ولد الياس پنجابي کي تترن وٺڻ جي بهاني گهرائي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو پوليس کي اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او دراني مهر مولا بخش بگٽي ۽ سندس ٽيم جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪامياب ناڪا بندي ڪندي دودا پڪٽ ڀر سان ڪاروائي ڪري تنوير احمد کي هرکجي اغوا ٿين کان بچائي ورتو اغوا ٿيڻ کان بچي ويل تنوير احمد جو چوڻ آهي ته اغوا ڪار مونکي دوکي سان گوجرانوالہ مان تتر ڏيڻ جي بھاني سان گھرائي ڪنڌڪوٽ مان نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ڪچي طرف کڻي وڃي رهيو هو ته پوليس کي ڏسي مون کي ڇڏي پاڻ فرار ٿي ويو
اغوا ڪار دوکي سان گھرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو ان ڏوھارين جي منصوبي کي پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي
