سنڌ: صوبائي اليڪشن ڪميشن جي مطابق سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ضمني بلدياتي چونڊن جي سلسلي ۾ 28 سيٽن تي پولنگ جو عمل جاري آهي. پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي ۽ شام 4 وڳي تائين جاري رهندي. اليڪشن ڪميشن موجب پولنگ مقرر وقت تي پرامن ماحول ۾ شروع ٿي، ۽ هينئر تائين سمورن ضلعن ۾ ووٽرز شرڪت ڪري رهيا آهن. مجموعي طور تي 2 لک 43 هزار 187 رجسٽرڊ ووٽر پنهنجو ووٽ ڏيڻ جو حق استعمال ڪندا، جنهن ۾ 1 لک 33 هزار 38 مرد ۽ 1 لک 10 هزار 154 عورتون شامل آهن. پولنگ جو عمل ڪراچي جي ضلعن شرقي، غربي ۽ ڪياماڙي کان علاوه حيدرآباد، دادو، ڄامشورو، مٽياري، سکر، گهوٽڪي، خيرپور، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، بدين ۽ ٺٽي ۾ پڻ جاري آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب سمورن پولنگ اسٽيشنن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، جن ۾ پوليس، رينجرز ۽ ٻيا سيڪيورٽي ادارا موجود آهن، ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچاءُ ٿئي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته پولنگ دوران شفافيت، غير جانبداري ۽ امن امان کي يقيني بڻايو وڃي، ته جيئن عوام بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي پولنگ اسٽيشن تي وڃي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهي.