ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، 5 فيبروري ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي، سڄي دنيا وانگر ڪشمور ۾ به مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاء ڪشمور ۾ جماعت اسلامي پاران مرڪزي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڪارڪنن سميت شهرين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئی ، 5 فيبروري ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي، سڄي دنيا وانگر ڪشمور ۾ جماعت اسلامي ڪشمور پاران مرڪزي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڪارڪنن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. حافظ. نصرالله عزيز نائب، امير جماعت اسلامي سنڌ غلام مصطفيٰ ميراڻي، امير جماعت اسلامي ضلع ڪشمور افضل عطا ڪلوڙ حاجي عبدالفتاح کوسو خالد سيف الله دليجان مزاري ذوالفقار ملڪ مولانا ڪمال دين جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تمام وڏي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف بازارن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي ، جتي ڪارڪنن ڪشميري جهنڊا کڻي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي حق ۾ ۽ ڀارتي حڪومت جي ظلم ۽ بربريت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ڪشمير پاڪستان جي شھ رڳ آهي، ڀارت اسان جي خاموشي کي ڪڏهن به ڪمزوري نه سمجهي، ڀارت بيگناهه ڪشميرين تي ظلم ڪرڻ بند ڪري، ڀارت گذريل 75 سالن کان ڪشمير تي جبري قابض آهي.
اسان اقوام متحده کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪشميرين تي ڀارتي حڪومت جي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏي، پنج فيبروري جي موقعي تي مختلف سياسي ۽ سماجي پارٽين سميت اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن پاران مختلف هنڌن تان ريليون ڪڍيون پيون وڃن.
