ڪنڌڪوٽ: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران ڪورٽن ۾ واٽر ڊسپينسر لڳائڻ جو حڪم

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) — ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ حافظ مصباح الدين ڦهلپوٽو، چارج سنڀالڻ کان پوءِ ڪنڌڪوٽ ڪورٽ بلڊنگ ۽ تعلقه ڪشمور جي ڪورٽن جو دورو ڪيو ۽ جائزو ورتو. دوراني معائني ۾ صاف ۽ ٿڌي پاڻي جي اڻهوند کي ڏسندي، جج ضلعي جي سڀني ڪورٽ بلڊنگز ۾ عوام، وڪيل، اسٽاف ۽ قيدين لاءِ سهولتن کي نظر ۾ رکندي پيئڻ جي پاڻي جا واٽر ڊسپينسر مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي حڪم تي فوري عمل ڪندي سيشن ڪورٽ ڪنڌڪوٽ، تعلقه ڪورٽ ڪشمور ۽ سول ڪورٽ تنگواني ۾ صاف، مٺو ۽ ٿڌو پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ واٽر ڊسپينسر لڳايا ويا.