ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ ۾ ضمني بلدياتي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي واضح برتري حاصل ٿي وئي آهي۔ غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب 11 ضلعن ۾ چيئرمين ۽ وائس چيئرمين جي 23 سيٽن مان 17 تي پيپلز پارٽي جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن۔ ڪراچي ۾ 5 مان 4 سيٽون پيپلز پارٽي کٽي ورتيون جڏهن ته هڪ سيٽ جماعت اسلامي جي اميدوار جي نالي ٿي۔ ڪراچي جي ضلع غربي، ٽي ايم سي اورنگي، يوسي ون ۾ چيئرمين جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جي شهنيلا عامر 3 هزار 801 ووٽ کڻي چيئرپرسن چونڊجي وئي، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جي محمد علي هڪ هزار 787 ووٽ سان ٻئي نمبر تي رهيو۔ ضلع غربي، ٽي ايم سي منگهو پير، يوسي 10 ۾ وائس چيئرمين جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جو اسٽيفن مسيح 891 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته اي اين پي جو احسن 324 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو۔ ڪياماڙي ضلع جي يوسي 8، ٽي ايم سي بلديه ۾ وائس چيئرمين جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جو محمد فيصل 3 هزار 132 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته آزاد اميدوار حسنين چوهاڻ هڪ هزار 84 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو۔ ضلع شرقي، ٽي ايم سي سهراب ڳوٺ، يوسي 8 ۾ وائس چيئرمين جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جو شهروز احمد هڪ هزار 790 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته جماعت اسلامي جو آصف علي خان 73 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو۔ ضلع غربي، ٽي ايم سي اورنگي، يوسي 7 ۾ جنرل وارڊ ميمبر جي سيٽ تي جماعت اسلامي جو محمد بلال نصير 791 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو شيخ اظهر 749 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو۔ ياد رهي ته ڪراچي جي 3 ضلعن سميت سنڌ جي 14 ضلعن جي 20 سيٽن تي ضمني بلدياتي چونڊن لاءِ پولنگ ٿي، جنهن ۾ سکر، خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، مٽياري، ڄامشورو، دادو، بدين، ٺٽو ۽ ميرپورخاص شامل آهن۔ پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهي۔