ڪنڌڪوٽ/ ڪشمير يڪجهتي جي ڏهاڙي جي ريلي،جماعت اسلامي ۽ ضلعي انتظاميا پاران ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون
جماعت اسلامي پاران ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سٽي پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.
ضلعي انتظاميا پاران ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان گهنٽا گھر چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ مظاهرين ڪشمير بنے گا پاڪستان، پاڪستان زنده آباد جا نعرا هنيا.حق خوداراديت ڪشمير جو حق آهي، جيڪو انشاءَ الله جلد حاصل ٿيندو. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جو خطاب
