پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي امداد بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) ذريعي ڏني وڃي، جيئن گذريل ٻوڏن ۽ ڪورونا دوران ڪئي وئي هئي. بلاول ڀٽو زرداري وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، “اسان وفاق کان درخواست ڪئي هئي ته BISP ذريعي متاثرين جي مدد ڪئي وڃي. اسان بجلي جا بل معاف ڪرڻ جي به ڳالهه ڪئي هئي، جنهن تي وفاقي حڪومت جا ٿورائتا آهيون ته هنن عمل ڪيو.”m هن چيو ته سنڌ حڪومت زرعي بحالي لاءِ “بينظير هاري ڪارڊ” متعارف ڪرائي رهي آهي، جنهن وسيلي ننڍن هارين جي مدد ڪئي ويندي. ان تحت ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ جي خريداري ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي ۽ ڪڻڪ جي آبادڪاري لاءِ هارين کي مدد ڏني ويندي، ته جيئن ملڪ کي ڪڻڪ درآمد نه ڪرڻي پوي. بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته زرعي ايمرجنسي جي تحت آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري، خاص طور تي ڪڻڪ جي خريداري ۽ امدادي قيمت نه ڏيڻ بابت. هن چيو ته هارين لاءِ ٽيڪس رليف به فراهم ڪيو وڃي، جيئن انهن جي معاشي بحالي ممڪن بڻجي. پي پي چيئرمين خاص طور تي ڏکڻ پنجاب جو ذڪر ڪندي چيو ته، “ان علائقي ۾ تمام وڏو نقصان ٿيو آهي، ۽ اتي جي عوام کي به BISP وسيلي رليف ڏيڻ وفاق جي ذميواري آهي. جيڪڏهن اڄ اهو نه ڪيو ويو ته پوءِ سوال آهي ته ڏکڻ پنجاب جي ماڻهن جو ڏوهه ڪهڙو آهي؟” بلاول ڀٽو واضح ڪيو ته BISP جو بنياد پيپلز پارٽي رکيو هو، جڏهن (ن) ليگ اقتدار ۾ هئي، ۽ ان وقت (ن) ليگ جا اڳواڻ به ان جي واکاڻ ڪندا رهيا. “جيڪڏهن هاڻ (ن) ليگ ان پروگرام کان پوئتي هٽي رهي آهي ته اهو سوال پڇڻ گهرجي ته آخر ڇو؟” هن چيو ته پنجاب حڪومت جي انهن قدمن جي تعريف ڪري ٿو، جن ذريعي هارين جي نقصان جو ازالو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، پر ساڳئي وقت اهو سوال پڻ اٿاري ٿو ته “اڄ” اوهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟ وعدا نه، عملي قدم ضروري آهن. پاڪ-سعودي لاڳاپن بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي معاهدو هڪ مثبت قدم آهي، جنهن جي سڄي دنيا ۾ تعريف ٿي رهي آهي. هن چيو ته حنا رباني کـر جي سربراهي ۾ قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملا ڪميٽي ان معاملي تي هڪ اجلاس پڻ شيڊول ڪيو آهي. فلسطين جي مسئلي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين بابت ٿيل ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته فلسطيني جدوجهد رنگ آڻي رهي آهي، ۽ پاڪ-سعودي معاهدي جا اثر اسرائيلي حملن جي رد عمل طور سامهون اچي رهيا آهن. “اسان اميد رکون ٿا ته عرب ملڪ جيڪي اسرائيل جا حامي آهن، اهي به هاڻ پنهنجين پاليسين تي نظرثاني ڪندا.”