گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي سائيڊ لائنز تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ملاقات ڪئي۔ ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، اقتصادي تعاون وڌائڻ، علاقائي رابطا وڌائڻ ۽ امن لاءِ گڏيل ارادن سان اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو۔ ان موقعي تي ٻنهي وزيرن غزه جي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ۽ فوري جنگبندي سان گڏ انساني امداد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو۔
