بلوچستان جي وڏي وزير جو بيان: دهشتگردن کي افغانستان ۾ رياستي سرپرستي حاصل آهي

بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته دهشتگردن کي افغانستان ۾ رياستي سرپرستي حاصل آهي، جتان کان هو پاڪستان ۾ حملا ڪن ٿا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن واضع ڪيو ته دهشتگرد هٿين خالي شهرين کي نشانو بڻائين ٿا ۽ انهن کي ڪنهن به صورت ۾ رعايت نه ڏني ويندي. مير سرفراز بگٽي چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهون ۽ تربيتي ڪيمپون ڏنيون وڃن ٿيون. تازين ڪاررواين ۾ مارجي ويل ڪيترن دهشتگردن جو تعلق به افغانستان سان هو. هن افغان حڪمرانن کان مطالبو ڪيو ته دوحه معاهدي تي عمل ڪن ۽ پنهنجي زمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏين. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن جي قيام لاءِ قدم کنيا ويا آهن ۽ دهشتگردن خلاف سخت ترين زميني ۽ فضائي آپريشن جاري آهي. رياست جي رٽ کي ڪنهن به صورت ۾ چيلينج ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن ٻڌايو ته تازو ئي چاغي ۾ هڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ دهشتگرد زبير عرف شاهه ۽ سندس ساٿي مارجي ويا. بگٽي موجب زبير چيني شهرين جي چرپر تي نظر رکندو هو ۽ ڀارتي ڳجهي ايجنسي “را” لاءِ منصوبا ٺاهيندو هو. هو بي ايل اي لاءِ ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ ۾ پڻ ملوث هو. وڏي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته دهشتگردن براس جي نالي سان هڪ گڏيل تنظيم ٺاهي آهي. جهانزيب نالي دهشتگرد هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ وڊيو بيان ۾ مختلف دهشتگرد ڪارروائين جو اعتراف ڪيو. مير سرفراز بگٽي چيو ته 14 آگسٽ تي بلوچستان ۾ هڪ دهشتگرد حملي جو منصوبو هو، پر سيڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪندي ان منصوبي کي ناڪام بڻايو. هن سيڪيورٽي ادارن کي ڪامياب آپريشنن تي مبارڪباد ڏني. آخر ۾ وڏي وزير چيو ته بلوچستان جو امن ڪنهن به صورت ۾ متاثر ٿيڻ نه ڏنو ويندو. دهشتگرد نوجوانن کي انتهاپسندي ڏانهن ورغلاڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پر فورسز انهن جا ڪيترائي منصوبا وقت سر ناڪام بڻائي ڇڏيا آهن.