گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي خطاب دوران گڏيل قومن جي عمارت ٻاهران وڏي انگ ۾ ماڻهن احتجاج ڪندي غزه جي حمايت ۾ نعرا هڻيا ۽ اسرائيل خلاف آواز اٿاريو، مظاهرين هٿن ۾ غزه جي شهيد ٿيل ٻارن جون تصويرون ۽ پلي ڪارڊ کڻي بيٺل هئا جن تي “غزه کي آزاد ڪريو” ۽ “غزه جي عوام کي زنده رهڻ ڏيو” جهڙا نعرا لکيل هئا، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن نيتن ياهو جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ۽ اسرائيل تي عالمي پابندين جي گهر ڪئي. احتجاج دوران جنرل اسيمبلي اندر به تاريخي صورتحال ڏسڻ ۾ آئي، جتي پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جي وفدن اسرائيلي وزيراعظم جي تقرير جو بائيڪاٽ ڪندي هال مان واڪ آئوٽ ڪيو، نيتن ياهو جي تقرير جي وقت اسيمبلي هال ۾ موجود ڪيترائي نمائندا، خاص طور تي مسلمان ملڪن جا، ڊائس طرفان خطاب شروع ٿيڻ کان اڳ ئي هال ڇڏڻ لڳا، جنهن سبب جنرل اسيمبلي جو ماحول سرد ٿي ويو ۽ نيتن ياهو چند ماڻهن جي سامهون تقرير ڪندو رهيو، جڏهن ته جنرل اسيمبلي جو منتظم آرڊر آرڊر چوندو رهيو پر هال خالي ٿيندو ويو.
