سنڌ حڪومت پاران وفاقي ترقياتي منصوبن تي پي آءِ ڊي سي ايل جو اختيار ختم ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت صوبي ۾ ترقياتي منصوبن تي وفاقي مداخلت خلاف اهم قدم کڻندي پاڪستان انفراسٽڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (PIDCL) کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته هو سنڌ جي ترقياتي اسڪيمن تي ڪم روڪي، جڏهن ته شهري ترقياتي پيڪيجز تي مداخلت کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 26 سيپٽمبر تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پي آءِ ڊي سي ايل جي ڪردار جو جائزو ورتو ويو، جنهن بعد طئي ٿيو ته وفاقي ڪمپني رڳو اڳوڻن پاڪ ڊبليو پي ڊي (PWD) منصوبن تائين محدود رهندي. سنڌ حڪومت واضح طور تي چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جا شهري ترقياتي پيڪيجز پي آءِ ڊي سي ايل جي اختيار کان ٻاهر آهن، ۽ وفاقي اداري کي صوبائي اختيارن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. خط ۾ زور ڀريو ويو آهي ته پي آءِ ڊي سي ايل وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ طئي ٿيل آئيني حدن جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪري، جيئن صوبائي خودمختياري جو احترام برقرار رهي.