افغانستان جي عبوري حڪومت جي نائب ترجمان حمدالله فطرت چيو آهي ته ملڪ اندر ڪنهن به هٿياربند گروپ کي سرگرمين جي اجازت نه ڏني ويندي۔ هن واضح ڪيو ته افغانستان 4 ملڪي ڳالهين ۾ جاري ٿيل بيان جي آجيان ڪري ٿو، جنهن ۾ پاڪستان، روس، چين ۽ ايران پرڏيهي فوجي اڏي جي مخالفت جو موقف اختيار ڪيو آهي۔ حمدالله فطرت جو چوڻ هو ته افغانستان جي زمين ڪنهن ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ اها ڳالهه بي بنياد آهي ته افغانستان مان ٻين ملڪن کي خطرو آهي۔ نائب ترجمان وڌيڪ چيو ته طالبان حڪومت بدعنواني، منشيات ۽ هر قسم جي اڻوڻندڙ معاملن جي خلاف قدم کڻي رهي آهي۔ اسان سمورن ملڪن سان گڏيل احترام جي بنياد تي لاڳاپا رکڻ چاهيون ٿا۔ ڪابل جي پاليسي گڏيل اعتماد، مثبت رابطن ۽ دوستانه لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ٻڌل آهي۔ سياسي ماهرن جو چوڻ آهي ته علائقائي ملڪن جي افغانستان جي استحڪام جي حمايت ڪابل لاءِ هڪ اهم موقعو آهي، جنهن جي ذريعي افغانستان پنهنجا سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهي ٿو۔ پاڙيسري ملڪن جي خدشن جو مثبت جواب ڏيڻ سان ڀروسو وڌي سگهي ٿو۔
