ڪنڌڪوٽ:ڳوٺ سليمان گولو ۾ زرعي زمين تي قبضي خلاف گولا برادري جي ماڻھن جو احتجاجي مظاھرو

ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ ڳوٺ سليمان گولو ۾ زرعي زمين تي قبضي خلاف گولا برادري جي ماڻھن جو احتجاجي مظاھرو انھي موقعي تي ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي قمبر گولو ۽ ٻين چيو ته اسان جي زرعي زمين اٽڪل 35 ايڪڙ مٿان ڪجھہ سالن کان وٺي بنگوار برادري قبضو ڪيو آهي قبضي ڪرڻ تي اسين عدالت ۾ وياسي جتي فيصلو اسان جي حق ۾ آيو آهي روينيو کاتي کان ماپ ڪرائي قبضو ڪيل زمين اسان جي حوالي ڪرائي وڃي مخالف ماپ ڪرائڻ کان انڪار ڪري رھيا آهي اسين احتجاج ذريعي ڊي سي، ايس ايس پي ۽ وس وارن کان گھر ڪريون ٿا ته فوري قبضو ختم ڪرائي اسان جي زمين اسان جي حوالي ڪرائي وڃي،

پنھنجي راءِ لکو