پريالوءِ ۾ ملاح برادري جو مبينا قبضا خلاف احتجاج

پريالوءِ (رپورٽر) پريالوءِ ۾ ملاح برادري پاران لاشاري برادري خلاف گهرن ۽ زمينن تان مبينا قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ امان الله جتوئي، شاهد ملاح، ظهير ملاح ۽ زاهد ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته گذريل سؤ سالن کان سندن گهرن، زمينن، باغن ۽ ملڪيت تي خادم لاشاري، حسين بخش لاشاري، علي بخش لاشاري ۽ ٻين لاشاري برادري جي هٿياربندن زبردستي قبضا ڪيو آهي۔ هنن وڌيڪ ٻڌايو ته انهن زمينن جي خريداري جتوئي برادري جي چڱي مڙس امان الله جتوئي ڪئي هئي، جنهن جا باقاعده قانوني ثبوت ۽ دستاويز موجود آهن۔ ملاح برادري جو چوڻ هو ته مختيارڪار سندن حق ۾ رپورٽ ڏني آهي، جڏهن ته سردار معظم علي خان عباسي پڻ فيصلو ملاح برادري جي حق ۾ ٻڌايو آهي، پر ان جي باوجود لاشاري برادري جا بااثر هٿياربند قبضا ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن۔ مظاهره ڪندڙن ڊي ايس پي ڪيٽي پاگارو، ڊي ايس پي پيرڳوٺ، ايس ايچ او جتوئي برادري، ايس ايڇ او پيرجوڳوٺ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته زمينن ۽ گهرن تان غيرقانوني قبضا ختم ڪرايا وڃن ۽ ملاح برادري کي تحفظ فراهم ڪري کين انصاف ڏنو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو