ڪنڌڪوٽ:ضلعي گھوٽڪي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري جو ڪشمور جي ڪچي ٻنڊي واري علائقي ڳوٺ جتوئي جاگيراڻي تي روپوش ڏوھارين جي خلاف چڙھائي

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )ضلعي گھوٽڪي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري جو ڪشمور جي ڪچي ٻنڊي واري علائقي ڳوٺ جتوئي جاگيراڻي تي روپوش ڏوھارين جي خلاف چڙھائي ۽ سرچ آپريشن ڪيو ويو۔ ڏوھارين پوليس جي اي پي سي گاڏين ۽ موبائيلن کي ڏسندي انھن مٿان جديد ھٿيارن سان فائيرنگ ڪري ڏني پوليس به جوابي فائيرنگ ڪئي ته ڏوھاري ڪچي طرف ھيٺ لھي ويا ۽ اھي به اطلاع آھن ته انھن پوليس جي گاڏين تي راڪيٽ لانچر به فائير ڪيا پر ڪوبه جاني يا مالي نقصان نه ٿيو۔ بعد ۾ ضلعي جي مختلف ٿاڻن تان اضافي نفري گھرائي ڀرپور جوابي موٽ ڏني ويئي ته ڏوھاري گھر خالي ڪري ڪچي اندر فرار ٿي ويا۔ پوليس روپوش ڏوھارين علي حسن۔ مير محمد ۽ گدالي جاگيراڻي سميت چئن ڏوھارين جي ٿاڪن کي باھيون ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ ڪجھ شڪي ماڻھن کي حراست ۾ وٺي اڻ ڄاتل ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو۔ ڏوھارين ۽ پوليس جي فائيرنگ ھڪ ڪلاڪ تائين جاري رھي ته علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو ۽ ماڻھو خوف سبب گھرن ۾ لڪي ويا۔آخري اطلاعن موجب گھوٽڪي پوليس آپريشن مڪمل ڪري واپس موٽي ويئي۔۔

پنھنجي راءِ لکو