سابق سينيٽر مشتاق احمد خان پنهنجو موبائل فون سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو

سابق سينيٽر مشتاق احمد خان پنهنجو موبائل فون سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو
سابق پاڪستاني سينيٽر مشتاق احمد خان اربع جي ڏينهن پنهنجو موبائل فون بحيره روم ۾ اڇلائي ڇڏيو۔ ايڪس (سابقه ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل وڊيو ۾ هن ٻڌايو ته هو امدادي سامان ۽ دوائون کڻي غزه طرف ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا تي موجود آهي۔مشتاق احمد خان چيو ته پري کان اسرائيلي بحري ٻيڙا نظر اچي رهيا آهن ۽ خدشو آهي ته اڄ رات ڪا ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري فلوٽيلا جي شرڪت ڪندڙن حفاظتي جيڪٽون پائي ڇڏيون آهن ۽ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن۔ هن ٻڌايو ته اسرائيل سندس موبائل فون بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ گذريل 36 ڪلاڪن کان هو ڪنهن سان به رابطو نٿو ڪري سگهي۔مشتاق احمد خان جو چوڻ هو ته “اسرائيل منهنجو فون جام ڪري سگهي ٿو پر غزه ڏانهن اسان جو سفر نه روڪي سگهي ٿو, ۽ اهو چئي هن پنهنجو موبائل فون سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو۔ هي لمحو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته “چاهي اسان سمنڊ ۾ مڇين جي خوراڪ بڻجي وڃون يا اسرائيلي ڊرون جو نشانو بڻجي وڃون، اسان غزه ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکنداسين۔

پنھنجي راءِ لکو