ڪراچي: ڪيماري جي ڪي پي ٽي گرائونڊ ڀرسان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو، جڏهن ته ساڳئي وقت جيڪسن پوليس کي هڪ ٻي واردات جي اطلاع ملي، جتي هڪ عورت پنهنجي گهر مان مرده حالت ۾ ملي.
پوليس موجب عورت کي مٿي ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته مقتوله جي سڃاڻپ 25 ورهين جي مريم طور ٿي آهي، جنهن جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ابتدائي جاچ ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي قتلن جو وقت لڳ ڀڳ هڪ جهڙو لڳي ٿو. ذريعن موجب مقتول ۽ مقتوله هڪ ٻئي کي سڃاڻيندا هئا، ۽ امڪان آهي ته ٻنهي کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي
