گلشن اقبال بحالي سينٽر ۾ معذور ٻار تي تشدد ڪندڙ عورت استاد کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو ويو آهي

گلشن اقبال بحالي سينٽر ۾ معذور ٻار تي تشدد ڪندڙ عورت استاد کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو ويو آهي۔
تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ قائم بحالي سينٽر ۾ معذور ٻار تي تشدد جي وڊيو سامهون اچڻ بعد انتظاميه فوري ڪارروائي ڪندي لاڳاپيل عورت استاد کي برطرف ڪري ڇڏيو، انتظاميه جو چوڻ آهي ته واقعي کان پوءِ سينٽر طرفان مقدمو داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر پوليس موقف اختيار ڪيو ته صرف ٻار جا ويجها مائٽ ئي قانوني ڪارروائي ڪري سگهن ٿا۔ ان سلسلي ۾ ٻار جي والدين سان رابطو ڪيو ويو، پر هنن مقدمو داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۔
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گلشن اقبال بلاڪ 6 ۾ واقع “ايگرو آٽزم ڪئير اينڊ ري هيبليٽيشن آرگنائيزيشن” جي اندر معذور ٻار تي بدترين تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي۔ ان وڊيو کان پوءِ الطاف حسين نالي شهري سينٽر خلاف مقدمو داخل ڪرايو۔ مدعي جو چوڻ هو ته وڊيو ۾ صاف نظر اچي ٿو ته هڪ عورت استاد معذور ٻار کي بي دردي سان مارپيٽ ڪري رهي آهي، جڏهن ته ان اداري ۾ معذور ٻارن کي تربيت ۽ بحالي جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون۔

پنھنجي راءِ لکو