پريالوء: ڄامڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ اڌ ڪلاڪ فائرنگ، ڳئون مارجي ويون

ڪچي علائقي ڳوٺ جمال الدين ڄامڙو ۾ ڄامڙا برادري جي ٻن ڌرين ـ علي خان ڄامڙو ۽ نذير احمد ڄامڙو ـ وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جديد هٿيارن سان اڌ ڪلاڪ تائين شديد فائرنگ ٿي، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.اطلاعن موجب فيض محمد ٻنڊو پوليس ۽ علائقي جي معززن جي وچ ۾ اچڻ بعد فائرنگ بند ڪرائي وئي. واقعي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، پر فائرنگ سبب ڳوٺاڻو قلندر بخش ڄامڙو جون ٻه ڳئون گوليون لڳڻ سبب مري ويون.قلندر بخش ڄامڙو اعليٰ اختيارين کان مالي نقصان جو ازالو ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پنھنجي راءِ لکو